اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا صوبي ۾ امن امان جي قيام، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ سرڪاري ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي لاءِ سول انتظاميه جي مدد خاطر پاڪ فوج جي جٿن ۽ وسيلن جي مقرري جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ گهرو ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت پاڪستان …
خيبر پختونخوا ۾ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري، باضابطا نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا صوبي ۾ امن امان جي قيام، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ سرڪاري ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي لاءِ سول انتظاميه جي مدد خاطر پاڪ فوج جي جٿن ۽ وسيلن جي مقرري جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ گهرو ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت حاصل اختيارن کي ڪتب آڻيندي ۽ اڳوڻن سمورن حڪمن کي ڪالعدم قرار ڏيندي اهو فيصلو ڪيو آهي. اها مقرري آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت 11 آڪٽوبر 2026ع تي جاري ڪيل حڪم نامي جي مدت تائين لاڳو رهندي. خيبر پختونخوا جي گورنر جنرل هيڊ ڪوارٽرز جي ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ سان گڏيل مشاورت سان گهربل مقصدن لاءِ فوج جي ضروري جٿن ۽ اثاثن جي انگ جو تعين ڪندي.











