اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ گورنر جي اڳواڻي ۾ 11 رڪني ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي وئي آهي، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ناليواريون شخصيتون ايدوائيزري ڪائونسل ۾ شامل ڪيون ويون آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آچر ڏينهن وفاقي وزيرن محسن نقوي، اعظم نذير تارڙ، طلال چوڌري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ثمر هارون بلور سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ايڊوائيزري ڪائونسل جا …
خيبر پختونخوا ۾ گورنر جي اڳواڻي ۾ 11 رڪني ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي وئي آهي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ گورنر جي اڳواڻي ۾ 11 رڪني ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي وئي آهي، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ناليواريون شخصيتون ايدوائيزري ڪائونسل ۾ شامل ڪيون ويون آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آچر ڏينهن وفاقي وزيرن محسن نقوي، اعظم نذير تارڙ، طلال چوڌري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ثمر هارون بلور سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ايڊوائيزري ڪائونسل جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته خيبر پختونخوا جي گورنر جي اڳواڻي ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ اهل ۽ ايماندار آفيسرن کي ذميواريون سونپيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته ڪفايت الله خان کي گهرو صلاحڪار، طارق محمود پاشا کي فنانس بابت صلاحڪار، اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخوا عامر جاويد کي قانون بابت صلاحڪار، ڊاڪٽر سيد عامر عبدالله کي تعليم بابت صلاحڪار، پاڪستان جي پهريون عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر خان کي صحت بابت صلاحڪار، اڳوڻي ايڊوائيزر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه کي مائينز اينڊ منرل بابت صلاحڪار، ڊاڪٽر محمد ارشاد کي انڊسٽريز اينڊ ڪامرس بابت صلاحڪار، رفيق آفريدي کي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس بابت صلاحڪار، خطيب اعليٰ مولانا محمد طيب قريشي کي مذهبي معاملن بابت صلاحڪار، عثمان سيف الله خان کي انرجي بابت صلاحڪار ۽ ايم اين اي ثمر هارون بلور کي سڌسماءَ بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جون ڪڙيون دهشتگردن سان ملن ٿيون، پي ٽي آءِ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بلڪل غير سنجيده آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو دهشتگردن سان گهرو ڳٺ جوڙ آهي جنهن سبب صوبي جون انتظامي حالتون تباهي تائين پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته انٽيليجنس بيورو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رپورٽ ۾ صوبي جي صورتحال کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ کان سواءِ سمورين سياسي پارٽين تي خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرد حملا ٿيا. هن چيو ته دهشتگردن ۽پي ٽي آءِ وچ ۾ پاور شيئرنگ تائين ڳالهه پهچي چڪي هئي، دهشتگردن کي صوبي ۾ محفوظ رسائي حاصل هئي ۽ کين مالي وسيلا فراهم ڪيا پئي ويا، وفاقي وزير چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت جي آئيني ذميواري هئي ته هو عام شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي. سوال اهو آهي ته ڇا صوبائي حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه پئي ڪري سگهي؟ ڇا انهن ۾ اهليت ۽ صلاحيت جي کوٽ هئي. هن چيو ته جن ڌرين صوبي جو امن تباهه ڪيو، شهرين کي شهيد ڪيو ۽ اسپتالن، مسجدن، ٿاڻن ۽ فوج جي اهلڪارن کي دهشتگردي جي حملن جو نشانو بڻايو. خيبر پختونخوا حڪومت انهن ڌرين کي بااختيار بڻايو. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن ۽ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت وچ ۾ اختيارن جي ورڇ جو هڪ فارمولو طئي ٿي رهيو هو جنهن جي شروعات ڏاکڻين ضلعن کان ٿي جيڪا لاڳيتو پوري صوبي ۾ پکڙجڻي هئي. هن چيو ته هو ڪوهاٽ جي اسپتال ۾ موجود هو، جتي زخمين کيس ٻڌايو ته پي ٽي آءِ حڪومت مان جان ڇڏايو، هي اسان کي تباهه ۽ برباد ڪندا، اسان دهشتگردن خلاف وڙهڻ چاهيون ٿا. عطاالله تارڙ چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته صوبي ۾ دهشتگردن کي فري هينڊ ڇو ڏنو ويو. هن چيو ته امن امان، تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري هئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت نه رڳو دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪئي پر کين صوبائي انتظامن م ڀائيوار پڻ بڻايو. هن چيو ته دهشتگردن ۽ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت وچ ۾ ڳوٺ جوڙ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ضلعا دهشتگردن جي حوالي ڪيا ويا هئا، جتي هو شهرين ۽ مسجدن کي نشانو بڻائيندا ۽ اسپتالن تي بمباري ڪندا رهيا. هن چيو ته طالبان پرڏيهي طاقتن جي فنڊز سان هلندڙ ڌريون آهن، جيڪي پاڪستان کي تباهي تائين وٺي وڃڻ چاهين ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پرڏيهي فنڊ حاصل ڪري اسان جي شهرين کي شهيد ڪري، انهن جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائي ۽ ڪا صوبائي حڪومت انهن سان ويهي انهن کي سهولت فراهم ڪري ۽ حڪومتي معاملن ۾ ڀائيوار بڻائڻ ۾ شريڪ هجي ته ان کان وڏو آئيني بحران ڇا ٿي سگهي ٿو؟ عطالله تارڙ چيو ته صوبائي حڪومت جو مينڊيٽ عوام جو تحفظ، سلامتي ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ هو پر ان جي ابتڙ هنن پوليس بابت هڪ تڪراري بل پيش ڪيو جنهن ذريعي دهشتگردي گروهن سان واڳيل ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سوال اهو آهي ته سڌي ريت ڊي ايس پي جي مقرري ڇو ڪئي پئي وئي؟ مقصد دهشتگردن ۽ انهن جي حمايتن کي پوليس فورس ۾ جاءِ ڏيڻ هو. هن چيو ته صوبي کي مسلسل تباهي طرف ڌڪيو پئي ويو، ان حوالي سان ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن. عطاالله تارڙ خيبر پختونخوا ڪابينه جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو ته پوري ڪابينه جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو، هي شايد ٽاڪ شوز ۾ نظر ايندا آهن، پر وزيراعليٰ ڇا ڪيو؟ هن گورننس تي ڪيترا ڪلاڪ صرف ڪيا؟ ڇا کين گورننس جي گهرجن جو علم آهي، ڇا هو ڄاڻين ٿا ته حڪومت ڪيئن هلائي ويندي آهي ۽ صوبي جي عوام کي خوشحالي طرف ڪيئن وٺي وڃڻو پوي ٿو؟ وفاقي وزير چيو ته اڄ هن گروهه مان نجات حاصل ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو آهي. پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان افغانستان (ٽي ٽي اي) جي حمايت تي بڌل پاليسين سبب خيبر پختونخوا ۾ هزارين شهرين جي مارجڻ جي ذميوار آهي. طالبان جي عورتن بابت پاليسين جي جهلڪ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي طرز عمل ۾ نظر ايندي رهي جتي عورتن جي حقن کي پائمال ڪيو پئي ويو.










