اسلام آباد – 07 - آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ توانائي جي ملڪي شعبي کي درپيش چئلينجز جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس موجب اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پاور ريفارمز ۽ ايس آءِ ايف سي جي نيشنل ڪميٽيز، ناڻي ۽ توانائي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ توانائي جي ملڪي شعبي کي درپيش چئلينجز جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ توانائي جي ملڪي شعبي کي درپيش چئلينجز جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس موجب اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پاور ريفارمز ۽ ايس آءِ ايف سي جي نيشنل ڪميٽيز، ناڻي ۽ توانائي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران توانائي جي کپت جي انگن اکرن، قيمتن جي تعين جي طريقيڪار، سبسڊي جي انتظام ۽ ٽرانسميشن ۽ ورڇ جي نقصانن ۾ گهٽتائي سميت مالياتي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام کي متاثر ڪندڙ اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته ڊگهي مدي واري واري شعباجاتي استحڪام کي يقيني بڻائيندي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس، قابل عمل قدم تجويز ڪن.











