اسلام آباد – 07 - آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي ڪندي چيو آهي ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر محمد رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد …
صدر پاران مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي ڪندي چيو آهي ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر محمد رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر آصف علي زرداري جوابي حملي ۾ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جو جلد خاتمو ڪيو ويندو.











