گوگل پاران مصنوعي ذهانت جي سکيا ۽ جديد ٽولز تائين رسائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان

سان فرانسسڪو-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي انٽرنيٽ سرچ انجڻ ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل آمريڪي تعليمي ادارن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي جيڪو ايندڙ ٽن سالن ۾ سڄي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۽ غير منافع بخش تنظيمن کي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي سکيا ۽ ٽولز تائين رسائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو منصوبو هن وقت 100 کان …

سان فرانسسڪو-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي انٽرنيٽ سرچ انجڻ ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل آمريڪي تعليمي ادارن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي جيڪو ايندڙ ٽن سالن ۾ سڄي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۽ غير منافع بخش تنظيمن کي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي سکيا ۽ ٽولز تائين رسائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو منصوبو هن وقت 100 کان وڌيڪ يونيورسٽين تي ٻڌل آهي، جن ۾ ٽيڪساس اي اينڊ ايم ۽ يونيورسٽي آف نارٿ ڪيرولينا جهڙا وڏا تعليمي نيٽ ورڪس شامل آهن. تعليمي منصوبن ۾ شامل ادارن کي مختلف وسيلا فراهم ڪيا ويندا. واضح رهي ته اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن مائيڪرو سافٽ سميت ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپنين وچ ۾ مصنوعي ذهانت جي تعليم ۾ سرسري حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ شدت اختيار ڪري چڪي آهي. تازو ئي مائيڪرو سافٽ سڄي دنيا ۾ اي آءِ کي تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 4 ارب ڊالر مختص ڪيا آهن. اوپن اي آءِ ۽ انٿروپڪ جهڙين ڪمپنين پڻ ان قسم جي قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.