سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي ۽ حق جي ويڙهه  بابت تقريبون زور شور سان جاري

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يومِ آزادي (14 آگسٽ 2025ع) کي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ انتظام ڀرپور طريقي سان جاري آهن. ان سلسلي ۾ ”معرڪه حق“ حق جي ويڙهه جي عنوان سان واڳيل تقريبن کي هڪ اهڙو رنگ ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي جنهن سان نه صرف پاڪستان جي نظرياتي بنيادن کي اجاگر ڪيو ويندو پر قومي اتحاد، هم آهنگي ۽ شموليت …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يومِ آزادي (14 آگسٽ 2025ع) کي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ انتظام ڀرپور طريقي سان جاري آهن. ان سلسلي ۾ ”معرڪه حق“ حق جي ويڙهه جي عنوان سان واڳيل تقريبن کي هڪ اهڙو رنگ ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي جنهن سان نه صرف پاڪستان جي نظرياتي بنيادن کي اجاگر ڪيو ويندو پر قومي اتحاد، هم آهنگي ۽ شموليت جي حقيقي علامت کي پڻ هٿي ملندي. يومِ آزاديءَ جي تقريبن جي حوالي سان مختلف تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. چئني صوبن خاص ڪري گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي نمائندگي ۽ ڀرپور شموليت کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم جاري آهن ته جيئن يومِ آزاديءَ جي تقريبن کي وفاقِ پاڪستان جي اصل روح موجب ملهائي سگهجي. تقريبن دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو پيو وڃي ته پيغام واضح ۽ مربوط آهي ته ”هي وطن اسان سڀني جو آهي ۽ ان جي ترقي، سلامتي ۽ خودمختياري اسان جي اجتماعي ذميداري آهي.“ خاص طور تي نئين نسل کي اهو باور ڪرايو ويندو ته آزاديءَ جي حفاظت صرف ماضيءَ جو نه، حال ۽ مستقبل جو به فرض آهي. ان موقعي تي رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ڳنڍيل يومِ آزاديءَ جي تقريبن جي انتظامن جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي رهيو آهي. ان موقعي تي هن هدايت ڪئي ته يومِ آزاديءَ کي ڀرپور قومي جذبي، اتحاد، يڪجهتي ۽ اميد جي پيغام سان ملهايو وڃي. هن چيو ته يومِ آزادي صرف هڪ جشن نه پر قومي عزم جي تجديد ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. 

مزید خبریں