اسلام آباد- 6 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ قدرن تي ٻڌل آهن، گڏيل اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، آئي ٽي، تعمير، صحت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار عماني سفير فهد سليمان خلف الخاروصي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدار ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جي ورجاءُ سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ قدرن تي ٻڌل آهن، ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آئي ٽي، تعمير، صحت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وڏا امڪان موجود آهن. حڪومت ۽ خانگي شعبي جي وچ ۾ ويجهن رابطن سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون ۾ اضافو ٿيندو. صدر سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي غير مستقل ميمبرشپ لاءِ عمان جي حمايت تي ٿورا مڃيا.