اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضبط ٿيل/ ٽمپرڊ گاڏين بابت موجوده قانونن ۽ پاليسين جو جائزه اجلاس

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضبط ٿيل/ ٽمپرڊ گاڏين بابت موجوده قانونن ۽ پاليسين جو جائزه اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران موجوده قانوني شقن تي هڪ جامع جائزو پيش ڪيو ويو. اجلاس دوران ضبط ٿيل گاڏين کي ٺڪاڻي لڳائڻ، انهن …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضبط ٿيل/ ٽمپرڊ گاڏين بابت موجوده قانونن ۽ پاليسين جو جائزه اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران موجوده قانوني شقن تي هڪ جامع جائزو پيش ڪيو ويو. اجلاس دوران ضبط ٿيل گاڏين کي ٺڪاڻي لڳائڻ، انهن جي نيلامي ۽ ٽمپرڊ گاڏين جي استعمال بابت طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي تجويزن جو پڻ جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهڙين گاڏين کي تيزي سان ٺڪاڻي لڳائڻ، نيلامي جي عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ آئوٽ سورسنگ سان گڏوگڏ شفافيت ۽ ڪارڪردگي جي فروغ جي لاءِ عالمي بهترين طريقن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، ايس اي پي ايم، اٽارني جنرل آف پاڪستان، اطلاعات واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ڪسٽمز جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.