ڪمبوڊيا پاران ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جي نوبل پرائيز لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان

نوم پنه-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪمبوڊيا اعلان ڪيو آهي، ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جي نوبل پرائيز لاءِ نامزد ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم  چنٿول پنهنجي ملڪ طرفان اهو اعلان ڪندي چيو ته ان جو سبب ٿائيلينڊ سان سرحدي ڇڪتاڻ روڪرائڻ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار اهم آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي تصديق ٽيڪسٽ مئسيج تي ڪئي آهي. هن ڪمبوڊيا جي گادي …

نوم پنه-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪمبوڊيا اعلان ڪيو آهي، ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جي نوبل پرائيز لاءِ نامزد ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم  چنٿول پنهنجي ملڪ طرفان اهو اعلان ڪندي چيو ته ان جو سبب ٿائيلينڊ سان سرحدي ڇڪتاڻ روڪرائڻ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار اهم آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي تصديق ٽيڪسٽ مئسيج تي ڪئي آهي. هن ڪمبوڊيا جي گادي واري شهر نوم پنهه صحافين سان ڳالهائيندي امن ڪوششن تي ٽرمپ جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٽرمپ نوبل انعام جي نامزدگي لائق آهي.