فن لينڊ طرفان فلسطيني رياست کي تسلم ڪرڻ جو اعلان

هلسنڪي -02 آگسٽ (اي پي پي) فن لينڊ فلسطين رياست کي تسليم ڪرڻ جو مشروط اشارو ڏنو آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق فن لينڊ جي صدر اليگزينڊر سٽب چيو  آهي، ته جيڪڏهن حڪومت ڪنهن اهڙي تجويز  سان گڏ اڳيان وڌي ته هو فلسطين رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا.   گذريل هڪ سال کان فلسطين رياست جو ڪيس سڄي دنيا ۾ مضبوط بڻجي سامهون آيو آهي، ان ڏس ۾ فن لينڊ …

هلسنڪي -02 آگسٽ (اي پي پي) فن لينڊ فلسطين رياست کي تسليم ڪرڻ جو مشروط اشارو ڏنو آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق فن لينڊ جي صدر اليگزينڊر سٽب چيو  آهي، ته جيڪڏهن حڪومت ڪنهن اهڙي تجويز  سان گڏ اڳيان وڌي ته هو فلسطين رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا.   گذريل هڪ سال کان فلسطين رياست جو ڪيس سڄي دنيا ۾ مضبوط بڻجي سامهون آيو آهي، ان ڏس ۾ فن لينڊ جي صدر اليگزينڊر به ايڪس تي فلسطين رياست کي تسليم ڪرڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي ته فن لينڊ جي صدر جي چونڊ ڇهه سال مدي لاءِ ٿيندي آهي. صدر جا اختيار محدود هوندا آهن پر پرڏيهي معاملن ۾ هو حڪومت سان مربوط انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي.