واشنگٽن -02 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس کي خبردار ڪندي چيو آهي، ته هن ملڪ جي اڳوڻي صدر دمتري ميدوي ايدف جي انتهائي چڙ ڏياريندڙ بيانن جي جواب ۾ ٻن آمريڪي ايٽمي آبدوزن کي خطي ۾ پوزيشن سنڀالڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته لفظ تمام گهڻا اهم هوندا آهن ۽ اڪثر انهن …
روس جا چڙ ڏياريندڙ بيان، ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪي ايٽمي آبدوزن کي پوزيشن سنڀالڻ جو حڪم

مزید خبریں
واشنگٽن -02 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس کي خبردار ڪندي چيو آهي، ته هن ملڪ جي اڳوڻي صدر دمتري ميدوي ايدف جي انتهائي چڙ ڏياريندڙ بيانن جي جواب ۾ ٻن آمريڪي ايٽمي آبدوزن کي خطي ۾ پوزيشن سنڀالڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته لفظ تمام گهڻا اهم هوندا آهن ۽ اڪثر انهن جا غيرارادي وارا نتيجا سامهون ايندا آهن. هن چيو ته هو اهو قدم پنهنجي ماڻهن جي حفاظت لاءِ کڻي رهيو آهي جڏهن ته اهو واضح ناهي ته آمريڪي صدر جي هدايتن جو ايٽمي آبدوزن تي ڇا اثر پوندو، جيڪي دنيا جي هاٽ اسپاٽ ۾ معمول موجب گشت تي رهنديون آهن. ٽرمپ پاران اهو حڪم روس سان ٽرمپ انتظاميه جي لاڳاپن جي هڪ نازڪ لمحي ۾ سامهون آيو آهي. ٽرمپ چيو آهي، ته روس جو اڳوڻو صدر ميد دوف هڪ ناڪام صدر آهي، ۽ هن کي پنهنجي زبان قابو ۾ رکڻ گهرجي. اڳوڻي روسي صدر ٽرمپ جي پوسٽ جي جواب ۾ چيو آهي، ته روس هر معاملي تي ٺيڪ آهي ۽ پنهنجي رستي تي هلندو رهندو. ياد رهي ته ميدو دوف هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ چيو هو ته هر نئون الٽيميٽم هڪ خطرو آهي ۽ جنگ طرف هڪ قدم آهي.











