آمريڪا ڪيترن ئي ملڪن جي مصنوعات تي ڳرا ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيا، برازيل جي مصنوعات تي 50 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ 39 سيڪڙو، ڪينيڊا 35 سيڪڙو، ڀارت 25 سيڪڙو ۽ تائيوان جي مصنوعات تي 20 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو

واشنگٽن-01 آگسٽ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا، برازيل، ڀارت ۽ تائيوان سميت ڪيترن ئي واپاري حصيدارن جي روانگي واپار تي ڳرا ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر جي جاري ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت برازيل جي مصنوعات تي 50 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ 39 سيڪڙو، ڪينيڊا 35 سيڪڙو، ڀارت 25 سيڪڙو ۽ تائيوان جي مصنوعات تي 20 سيڪڙو امپورٽ ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 69 ملڪن …

واشنگٽن-01 آگسٽ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا، برازيل، ڀارت ۽ تائيوان سميت ڪيترن ئي واپاري حصيدارن جي روانگي واپار تي ڳرا ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر جي جاري ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت برازيل جي مصنوعات تي 50 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ 39 سيڪڙو، ڪينيڊا 35 سيڪڙو، ڀارت 25 سيڪڙو ۽ تائيوان جي مصنوعات تي 20 سيڪڙو امپورٽ ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 69 ملڪن تي 10 کان 41 سيڪڙو جي وچ ۾ امپورٽ ٽيرف 7 ڏينهن بعد لاڳو ٿيندا، جڏهن ته ٻين ملڪن کان آيل شين تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ڪجهه ملڪن پهرين ئي ٽيرف ۾ گهٽتائي جا معاهدا ڪيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي کي ڳالهين جو موقعو ئي ناهي ڏنو ويو. آمريڪي صدر ٽرمپ ڪجهه شين کي امپورٽ ڊيوٽي کان هڪ هفتي لاءِ ڇوٽ به ڏني آهي. ٽرمپ انتظاميه اشارو ڏنو آهي ته وڌيڪ واپاري معاهدا جلد سامهون ايندا ته جيئن واپاري خساري کي گهٽائي سگهجي ۽ مقامي صنعتن کي هٿي ڏئي سگهجي. رپورٽ موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر واپاري حصيدار جيتوڻيڪ ڳالهين ۾ شامل هئا پر انهن جون آڇون واپاري عدم توازن کي ختم ڪرڻ يا قومي سلامتي جي معاملن تي آمريڪا سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. صدر ٽرمپ چيو ته اسان اڄ ڪجهه اهڙا معاهدا ڪيا آهن جيڪي ملڪ لاءِ تمام سٺا آهن.