اوٽاوا-31 جولاءِ(اي پي پي)ڪينيڊا هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو ته هي قدم اسرائيلي فلسطيني تڪرار جي ٻه رياستي حل جي اميدن کي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي، هي هڪ ڊگهي عرصي کان ڪينيڊا جو مقصد آهي جيڪو اسان جي اکين سامهون ختم …
ڪينيڊا پاران سيپٽمبر 2025ع ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
اوٽاوا-31 جولاءِ(اي پي پي)ڪينيڊا هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو ته هي قدم اسرائيلي فلسطيني تڪرار جي ٻه رياستي حل جي اميدن کي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي، هي هڪ ڊگهي عرصي کان ڪينيڊا جو مقصد آهي جيڪو اسان جي اکين سامهون ختم ٿيندو پيو وڃي. ڪينيڊا جي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪينيڊا سيپٽمبر 2025ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس ۾ فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. فرانس ۽ برطانيه کانپوءِ ڪينيڊا دنيا جو ٽيون ملڪ آهي جنهن سيپٽمبر ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. صحافين جي هڪ سوال ته ڇا گڏيل قومن جي اجلاس کان اڳ اهڙو منظرنامو موجود آهي جتي ڪينيڊا پنهنجو موقف بدلائي سگهي ٿو، جي جواب ۾ ڪارني چيو ته هڪ منظر امڪاني طور تي اهڙو آهي پر آئون تصور به نٿو ڪري سگهان ته اهڙو منظر هوندو. ڪارني صدر محمود عباس جي قيادت هيٺ حڪومتي اداري جو حوالو ڏيندي چيو ته محمود عباس جي 2026ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي واعدي تي به اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته سندس ملڪ گڏيل قومن جي اجلاس دوران باضابطه طور تي هڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو، جيڪو ان طرح جي قدمن جو اعلان ڪندڙ سڀني کان طاقتور يورپي ملڪ آهي.











