نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان اهم ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ مضبوط ۽ منظم رابطا قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

واشنگٽن – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ مضبوط ۽ منظم رابطا قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي …

واشنگٽن – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان واشنگٽن ڊي سي ۾ اهم ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ مضبوط ۽ منظم رابطا قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي (اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ) پهچڻ تي آمريڪي عملدارن پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو ويو. آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رضوان سعيد شيخ پڻ نائب وزيراعظم سان گڏ هو. وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين پاران سينيئر عملدار شريڪ ٿيا. پاڪستان ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات آهي، ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطا قائم هئا. ملاقات ۾ پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ ممڪن تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ، سيڙپڪاري، زراعت، ٽيڪنالاجي، معدنيات سميت اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي امن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عالمي امن جي فروغ جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي قيادت جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان صدر ٽرمپ جو ڪردار ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي لازوال قربانين جو اعتراف ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته عالمي ۽ علائقائي امن جي حوالي سان پاڪستان سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪ – آمريڪا ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري ٽريڊ ڊائيلاگ ۾ مثبت اڳڀرائي جي حوالي سان پراميد آهيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان آمريڪي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش منزل آهي، علائقائي امن جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي موقف ۽ مفادن ۾ هم آهنگي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ مضبوط ۽ منظم رابطا قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.