ماسڪو-24 جولاءِ (اي پي پي) روس ۾ مسافر جهاز چين جي سرحد ويجهو آمور ريجن ۾ منزل تي پهچڻ کان اڳ ڪري تباهه ٿي ويو. پرڏيهي خابروا داري موجب جهاز جي عملي سميت 46 مسافر سوار هئا جن مان ڪو به زنده نه بچي سگهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي علائقي سائبيريا جي هوائي ڪمپني انگاره ايئر لائين جي اين اي 24 جهاز بلاگوويشچنسڪ ۾ واقع ٽائنڊا ايئر پورٽ …
روس ۾ مسافر جهاز حادثي جو شڪار، 46 مسافر فوت

مزید خبریں
ماسڪو-24 جولاءِ (اي پي پي) روس ۾ مسافر جهاز چين جي سرحد ويجهو آمور ريجن ۾ منزل تي پهچڻ کان اڳ ڪري تباهه ٿي ويو. پرڏيهي خابروا داري موجب جهاز جي عملي سميت 46 مسافر سوار هئا جن مان ڪو به زنده نه بچي سگهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي علائقي سائبيريا جي هوائي ڪمپني انگاره ايئر لائين جي اين اي 24 جهاز بلاگوويشچنسڪ ۾ واقع ٽائنڊا ايئر پورٽ تي پهچڻو هو ته لينڊنگ دوران ان ۾ باهه لڳي وئي. روس جي اختيارين موجب جهاز ۾ عملي جي 6 ڄڻن ۽ ٻن معصوم ٻارن سميت وڌيڪ 40 مسافر سوار هئا. علائقائي شهري دفاع ۽ فائر سيفٽي سينٽر مطابق ايم آءِ 8 هيليڪاپٽر جي عملي کي حادثي واري هنڌ تي ڪنهن به ماڻهو جي زنده بچڻ جا ڪي آثار ناهن مليا.











