ٿائيلينڊ سان سرحدي چڪريون، ڪمبوڊيا پاران سلامتي ڪائونسل کي مداخلت ڪرڻ جي درخواست، عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي لکيل هڪ خط ۾ درخواست ڪئي آهي ته هو هنگامي مداخلت ڪري ٿائيلينڊ جي فوج پاران ڪمبوڊيا جي خودمختيار علائقي تي حملا روڪرائي ۽ عوام کي پر امن رهڻ جي پڻ اپيل ڪئي آهي. ان کان اڳ ساڳئ ڏينهن ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ سرحدي علائقي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي لکيل هڪ خط ۾ درخواست ڪئي آهي ته هو هنگامي مداخلت ڪري ٿائيلينڊ جي فوج پاران ڪمبوڊيا جي خودمختيار علائقي تي حملا روڪرائي ۽ عوام کي پر امن رهڻ جي پڻ اپيل ڪئي آهي. ان کان اڳ ساڳئ ڏينهن ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ سرحدي علائقي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ ڌرين پاران هڪ ٻئي اڳ ۾ فائرنگ ڪرڻ جا الزم لڳايا ويا آهن . واضع رهي ته ٿائيلينڊ جي زميني فوج جي ٻي ملٽري ريجن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته خميس تي صبح جو ٿائيلينڊ جي ايف-16 جنگي جهازن ڪمبوڊيا جي ٻن فوجي ٺڪاڻن کي تباه ڪيو آهي . ٿائيلينڊ جي سرڪاري ٽي وي موجب ڪمبوڊيا پاران فائر ڪيل راڪٽ ٿائيلينڊ جي گيس اسٽيشن تي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ شهري ۽ شاگرد زخمي ٿيا آهن. ڪمبوڊيا ۾ چين جي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ جي سرحدي علائقي جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.هوڏانهن ڪمبوڊيا جي وزيراعظم ٿائيلينڊ سان سرحدي چڪرين دوران عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.