سان فرانسسڪو -24 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيٽ سرچ انجڻ گوگل جي پيرينٽ ”الفابيٽ“ جي آمدني ۾ ھلندڙ سال جي ٻي ٽه ماھي ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمپني پنھنجي بيان ۾ چيو آهي ته مصنوعي ذھانت (اي آءِ) اسان جي ھر شعبي ۾ ھاڪاري تبديلي آڻي رھي آھي ۽ ڪمپني ھلندڙ سال جي ٻي ٽه ماھي ۾ 28.2 ارب ڊالرن جو منافعو حاصل ڪيو جڏھن …
مصنوعي ذھانت جي استعمال سان گوگل جي مالڪ ڪمپني ”الفابيٽ“ جي آمدني ۾ نمايان اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
سان فرانسسڪو -24 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيٽ سرچ انجڻ گوگل جي پيرينٽ ”الفابيٽ“ جي آمدني ۾ ھلندڙ سال جي ٻي ٽه ماھي ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمپني پنھنجي بيان ۾ چيو آهي ته مصنوعي ذھانت (اي آءِ) اسان جي ھر شعبي ۾ ھاڪاري تبديلي آڻي رھي آھي ۽ ڪمپني ھلندڙ سال جي ٻي ٽه ماھي ۾ 28.2 ارب ڊالرن جو منافعو حاصل ڪيو جڏھن ته ڪمپني جي گڏيل آمدني 96.4 ارب ڊالر رھي. ڪمپني اعلان ڪيو آھي ته شروعاتي طور تي 85 ارب ڊالرن جي منصوبي کان وڌيڪ جو ناڻو خرچ ڪندي ته جيئن ڪلائوڊ سروسز جي وڌندڙ طلب موجب اي آءِ جي بنيادي ڍانچي کي بھتر بڻائي سگھجي. الفابيٽ جي سي اي او سندرپچائي چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران ڪمپني ترقي ڪئي آهي جڏهن ته اي آءِ اسان جي سمورين سرگرمين تي ھاڪاري اثر وجهي رھيو آھي. رپورٽ مطابق گوگل جي سرچ آمدني ۾ ڊبل ڊجٽ ۾ اضافو ٿيو آھي، اي آءِ اوور ويوز ۽ نئون متعارف ڪيل آءِ موڊ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رھيو آھي، يوٽيوب مان اشتھارن ۽ سبسڪرپشن آمدني ۾ به اضافو جاري آھي. ڪمپني مطابق الفابيٽ جي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سروسز ساليانو بنياد تي 50 ارب ڊالر ڪمائڻ جي راھه تي گامزن آھي. هن چيو ته اسان پنھنجي ڪلائوڊ پراڊڪٽس ۽ سروسز جي وڌندڙ طلب کي نظر ۾ رکندي 2025ع ۾ سيڙپڪاري کي 85 ارب ڊالرن تائين وڌائي رھيا آھيون ۽ اسان کي مستقبل جي امڪانن مان گھڻي اميد آھي.











