آمريڪا سان ڳالھين جو ڪو ارادو ناھي: ايران

تھران - 24 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آھي ته اسان جو آمريڪا سان ڳالھين جو ڪو به ارادو نه آھي. ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آھي ته ايران جو آمريڪا سان ڪنھن به قسم جي ڳالھين جو ڪو منصوبو نه آھي. اھو بيان اھڙي وقت سامھون آيو آھي جڏھن ايران ۽ ٽن يورپي ملڪن وچ ۾ ڳالھين جو هڪ نئون دور جمعي تي استنبول …

تھران – 24 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آھي ته اسان جو آمريڪا سان ڳالھين جو ڪو به ارادو نه آھي. ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آھي ته ايران جو آمريڪا سان ڪنھن به قسم جي ڳالھين جو ڪو منصوبو نه آھي. اھو بيان اھڙي وقت سامھون آيو آھي جڏھن ايران ۽ ٽن يورپي ملڪن وچ ۾ ڳالھين جو هڪ نئون دور جمعي تي استنبول ۾ شروع ٿي رھيو آھي جيڪو  نائب پرڏيھي وزيرن جي سطح تي ٿيندو. پنھنجي بيان ۾ ھن گذريل ڏينھن ڳالھين کي ”سخت تجربا“ قرار ڏيندي خبردار ڪيو ۽ چيو ته اسان ايران جي عوام جي مفادن ۽ حقن کي اولين ترجيح ڏيون ٿا.