ڍاڪا-18 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ٽي- ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 20 جولاءِ تي پهرين ميچ سان ٿيندي. هي ميچ شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي-ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. 3 ٽي -ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت مشهور آل …
بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ٽي- ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات 20 جولاءِ تي پهرين ميچ سان ٿيندي
ڍاڪا-18 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ٽي- ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 20 جولاءِ تي پهرين ميچ سان ٿيندي. هي ميچ شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي-ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. 3 ٽي -ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر سلمان آغا ڪندو، جڏهن ته ميزبان بنگلاديش جي ٽيم کي ناليوارو وڪيٽ ڪيپر، بيٽسمين لٽن داس ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي -ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 22 جولاءِ تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 24 جولاءِ تي کيڏي ويندي. 3 ٽي-ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جون ٽيئي ميچون فلڊ لائٽس جي روشني ۾ شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون.











