اسلام آباد-13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي 6 سالن جي عمر واري مارشل آرٽسٽ سفيان مغل هڪ ٻيو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. جاري ڪيل بيان موجب سفيان مغل 30 سيڪنڊن ۾ 30 اسٽيپ اپس جو چئلينجنگ ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جيڪو گينز ورلڊ رڪارڊ 45 اسٽيپ اپ مڪمل ڪري قائم ڪيو آهي. هي نمايان ڪارنامو سفيان مغل جي محنت ۽ غير معمولي صلاحيتن کي ظاهر …
سفيان مغل هڪ ٻيو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي 6 سالن جي عمر واري مارشل آرٽسٽ سفيان مغل هڪ ٻيو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. جاري ڪيل بيان موجب سفيان مغل 30 سيڪنڊن ۾ 30 اسٽيپ اپس جو چئلينجنگ ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جيڪو گينز ورلڊ رڪارڊ 45 اسٽيپ اپ مڪمل ڪري قائم ڪيو آهي. هي نمايان ڪارنامو سفيان مغل جي محنت ۽ غير معمولي صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو، ذڪر جوڳي ڳالهه هي آهي ته سفيان مغل اڳ ئي گنيز ورلڊ رڪارڊ هولڊر آهي. هن 6 سالن جي عمر ۾ 4 رڪارڊ قائم ڪيا هئا، هن ان کان اڳ پنهنجي شاندار صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي ڀارت جا 2 رڪارڊ ٽوڙيا آهن. سفيان مغل جي ڪاميابي دنيا جي نوجوان رانديگرن ۽ مارشل آرٽسٽن لاءِ هڪ تحريڪ جو ڪم ڪري ٿي، مارشل آرٽس لاءِ ان جي عزم ۽ جذبي کيس عالمي سطح تي سڃاڻپ ڏياري ۽ هو پنهنجي شاندار ڪمن سان پاڪستان جو ڳاٽ اونچو ڪري رهيو آهي.











