پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران انگلينڊ جي دؤري لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان، مُشتاق ڪلهوڙو اسڪواڊ ۾ شامل

لاهور-11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ جي دؤري لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هي دؤرو 17 جولاءِ ان 6 آگسٽ تائين جاري رهندو جنهن ۾ ٻه ٽن ڏينهن وارا ۽ ٽي هڪ ڏينهن وارا ميچز کيڏيا ويندا. ميچن جي تاريخن ۽ هنڌن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ٽيسٽ ڪرڪيٽر سعود شڪيل اسڪواڊ جي اڳواڻي ڪندو. جڏهن ته ٻين تجربيڪار رانديگرن ۾ مير حمزه، …

لاهور-11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ جي دؤري لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هي دؤرو 17 جولاءِ ان 6 آگسٽ تائين جاري رهندو جنهن ۾ ٻه ٽن ڏينهن وارا ۽ ٽي هڪ ڏينهن وارا ميچز کيڏيا ويندا. ميچن جي تاريخن ۽ هنڌن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ٽيسٽ ڪرڪيٽر سعود شڪيل اسڪواڊ جي اڳواڻي ڪندو. جڏهن ته ٻين تجربيڪار رانديگرن ۾ مير حمزه، موسيٰ خان ۽ ساجد خان شامل آهن. قائداعظم ٽرافي 25-2024ع ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ بيٽرز اعظم اويس ۽ معاذ صداقت به اسڪواڊ جو حصو هوندا. اعظم 844 ۽ معاذ 646 رنسون ان سيزن ۾ ٺاهيون هيون. بيٽسمينن ۾ علي زرياب، حيدر علي، محمد سليمان، عمير بن يوسف ۽ شميل حسين شامل آهن. وڪيٽ ڪيپنگ جي فرضن لاءِ روحيل نذير کي چونڊيو ويو آهي. فاسٽ بالر مشتاق احمد ڪلهوڙو، شاهد عزيز ۽ عبيد شاهه به ٽيم ۾ شامل آهن. مشتاق احمد هاڻوڪي فرسٽ ڪلاس سيزن ۾ قائداعظم ٽرافي ۽ صدر ٽرافي مجموعي طور 77 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. اسپين بالنگ لاءِ فيصل اڪرم، مهراڻ ممتاز، مبصر خان ۽ ساجد خان کي شامل ڪيو ويو جيڪي ٽيم کي ڳاڙهي ۽ اڇي بال جي ميچز ۾ متوازن اسپين اٽيڪ فراهم ڪندا. ٽيم 16 جولاءِ تي انگلينڊ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪراچيءَ ۾ موجود حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ تربيتي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندي.