لنڊن – 09 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ اڄ (خميس ڏينھن کان) 14 جولاءِ تائين انگلينڊ جي گادي واري شھر لنڊن جي مشھور ڪرڪيٽ گرائونڊ لارڊز ۾ کيڏي ويندي، ٻنھي ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آھي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) مطابق مھمان ڀارت جي ٽيم کي پنھنجي دوري دوران ميزبان انگلينڊ ٽيم خلاف 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آھي جنھن جون ٻه ميچون ٿي چڪيون آھن. 5 ميچن جي سيريز ۾ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بيٽسمين شبمن گل ڪندو جڏھن ته انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت ڀلوڙ آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 جولاءِ تائين لارڊز، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 31 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين ڪيننگٽن اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي