ڪولمبو – 04 جولاءِ (اي پي پي) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ھڪ ڏينھن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ و ڇنڇر 5 جُولاءِ تي آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ميزبان آءِ لينڊرز ٽيم کي بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آھي. سريلنڪن ٽيم پھرين ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 77 رنسن تان شڪست ڏني ھئي. ان کان اڳ ٻنھي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 تان سريلنڪن ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. ون ڊي سيريز ۾ آءِ لينڊرز جي ٽيم جي قيادت چارٿ اسالنڪا ڪندو جڏھن ته بنگلاديش جي ٽيم جي قيادت مھدي حسن مرزا ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٻيو ميچ ڇنڇر 5 جُولاءِ تي آرپريما داسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو جڏھن ته ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 8 جولاءِ تي پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، پالي ڪيلي ۾ کيڏيو ويندو.