بلاوائيو -02 جولاءِ (اي پي پي) زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ۽ آخري ميچ 6 جولاءِ کان ڪوئنز اسپورٽس ڪلب، بلاوائيو ۾ شروع ٿيندو، ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ميزبان زمبابوي جي ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪئي آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي کي کي 328 رنسن تان شڪست ڏني آهي. ٽيسٽ سيريز ۾ ميزبان زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪريگ ارون ليڊ ڪندو جڏهن ته مهمان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم جي ڪيشو مهاراج اڳواڻي ڪري رهيو آهي.