جميڪا -02 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻيو ميچ خميس 3 جُولاءِ تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، سينٽ جارجز، گريناڊا ۾ شروع ٿيندو. مهمان آسٽريليا جي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڪينگروز ڪين سنگٽن اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 159 رنسن تان شڪست ڏني هئي. آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڪلهه ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي هوءَ ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جولاءِ تائين کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 جولاءِ تائين سبينا پارڪ ڪنگسٽن، جميڪا ۾ کيڏي ويندي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي جنهن جي پهرين ميچ 21 جولاءِ تي جميڪا ۾ کيڏي ويندي، سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 23 جولاءِ تي، ٽين ميچ 26 جولاءِ تي چوٿين ميچ 27 جولاءِ تي جڏهن ته پنجُون ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 29 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس واري هنڌ کيڏيو ويندو.