لنڊن – 01 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻيو ميچ اربع ٻه جُولاءِ کان برمنگھم ۾ شروع ٿيندو، ميزبان ٽيم کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آھي. آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ليڊز ۾ کيڏيل پھرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي ھئي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) مطابق مھمان ڀارتي ٽيم کي پنھنجي دوري دوران ميزبان انگلينڊ ٽيم خلاف 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آھي جنھن مان پھرين ميچ ٿي چڪي آھي. 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بيٽسمين شبمن گل ڪندو جڏھن ته انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت مشھور آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 2 کان 6 جولاءِ تائين برمنگھم ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 جولاءِ تائين لارڊز، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽيفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 31 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي.