ڪولمبو – 01 جولاءِ (اي پي پي) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ھڪ ڏينھن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پھرين ميچ اربع ڏينھن ٻه جُولاءِ تي آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. ون ڊي سيريز ۾ سريلينڪا جي ٽيم جي قيادت چارٿ اسالنڪا ڪندو جڏھن ته بنگلاديش جي ٽيم جي قيادت مھدي حسن مرزا ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ 5 جولاءِ تي جڏھن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 8 جولاءِ تي پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، پالي ڪيلي ۾ کيڏي ويندي.