سيئول-29 جون (اي پي پي) پاڪستاني ٽيم ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئن شپ ۾ پنهنجي ٽئين ميچ ۾ ڪوريا کي شڪست ڏئي ڪاميابي جي هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي. ڪوريا ۾ جاري چيمپئن شپ ۾ پاڪستان گرلز نيٽ بال ٽيم پنهنجي ليگ جي ٽئين ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا کي 6 جي مقابلي ۾ 91 گول جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي مسلسل ٽئين ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجو چوٿون ميچ سومر ڏينهن جاپان خلاف کيڏندي، جڏهن ته اڱاري ڏينهن ليگ جو آخري ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم مالديپ جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي. پاڪستان پول بي ۾ 6 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي.