اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) ايشين ٽيم سنوڪر چيمپيئن شپ جي سيمي فائينل ۾ ملائيشيا پاڪستان ون ٽيم اويس منير ۽ محمد آصف کي هارائي ڇڏيو. ڪولمبو، سريلنڪا ۾ کيڏيل سيمي فائينل ۾ ملائيشيا جي ٽيم پاڪستان ون ٽيم اويس امنير ۽ محمد آصف کي 1-3 تان شڪست ڏني. پاڪستان ون ايشين ٽيم چيمپيئن شپ ۾ ٽامي جو ميڊل حاصل ڪري ورتو آهي.