لنڊن – 27 جون (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن عالمي ٽي-20 ميچن تي ٻڌل سيزير جو پھرين ميچ ڇنڇر 28 جُون تي ٽرينٽ برج، ناٽنگھم ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) مطابق ڀارت جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پنھنجي انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان وومينز ٽيم خلاف 5 ٽي-20 ۽ 3 ھڪ ڏينھن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏيندي. ٽي-20 سيريز ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت ھرمن پريت ڪور ڪندي جڏھن ته ميزبان برطانوي وومينز ٽيم جي قيادت بائولنگ آل رائونڊر نيٽ سڪيور برنٽ ڪندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽي-20 ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ پھرين جولاءِ تي ڪائونٽي گرائونڊ، برسٽل ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ 4 جولاءِ تي اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ڇوٿين ٽي-20 ميچ 9 جولاءِ تي ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته پنجين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 12 جولاءِ تي ايجنسٽن، برمنگھم ۾ کيڏي ويندي. پنج ٽي- 20 ميچن جي سيريز جي مڪمل ٿيڻ بعد ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽن ھڪ ڏينھن وارين ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ 16 جولاءِ تي کيڏي ويندي، ٻي ميچ 19 جولاءِ جڏھن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 22 جولاءِ تي کيڏي ويندي.