اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پاڪستان جي محمد آصف ايشين 6 ريڊ اسنوڪر چيمپئن شپ ۾ ٽامي جو تمغو حاصل ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ ملائشيا جي ٿور چون ليونگ پاڪستان جي محمد آصف کي 2-5 تان شڪست ڏني . اهڙي ريت محمد آصف ايشين 6 ريڊ چيمپيئن شپ ۾ ٽامي جو ميڊل حاصل ڪيو . 6 ريڊ چيمپيئن شپ ۾ 13 ملڪن جي 16 ٽيمن شرڪت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جون ٻه ٽيمون شامل آهن . پاڪستان ون جنهن ۾ اويس منير ۽ محمد آصف پاڪستان جي نمائندگي ڪن پيا ۽ پاڪستان ٽو ۾ شاهد آفتاب ۽ محمد سجاد پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن . چيمپيئن شپ ۾ 16 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هر ٽيم 03 ميچون کيڏندي جنهن کان پوءِ ٽاپ ٽو ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.