اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، مملڪتي وزير عون ثقلين چوڌري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر منزه حسن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مواصلات واري وزارت ۽ سمنڊ پار پاڪستاني ۽ افرادي قوت ترقي واري وزارت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.