اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبرن سيده نوشين افتخار، چوڌري محمود بشير ورڪ، ناصر اقبال بوسال ۽ علي جان مزاري جدا جدا ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ ميمبرن جي لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. قومي اسيمبلي ميمبرن عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. پبلڪ افيئرز وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، پاور وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ ملاقاتن ۾ موجود هئا.