اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) پاڪستان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي مفاهمت جي اعلان جي آجيان ڪندي لاڳاپيل ڌرين کان جنگبندي کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان خطي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي پڻ آجيان ۽ ان جي حمايت ڪريون ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. بيان موجب پاڪستان ان سلسلي ۾ سمورين ڪوشسن جي حمايت جاري رکندو.