اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي ۽ وچ اوڀر جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ هن سعودي عرب جي ڀائر عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو، پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي خطي ۾ امن جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.