اسلام آباد -23 جون (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته پاڪستان ڀارتي جارحيت، سفارتي ۽ بيانئي جي جنگ ۾ ان کي شڪست ڏني آهي، پاڪستان ۽ ڀارت کي جٽادار ڳالهين طرف اچڻو پوندو، ان کان سواءِ دهشتگردي ۽ علائقائي عدم استحڪام جا خطرا وڌيڪ وڌندا، دنيا پاڪستان جي ڪشمير، ڀارتي جارحيت ۽ دهشتگردي خلاف جنگ جي بيانئي کي هٿي ڏني، پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ بجيٽ تي ٿيندڙ ڳالهين کان پوءِ اسان خوشي خوشيءَ سان انهن جي حق ۾ ووٽ ڏينداسين، وزيراعظم ۽ سندس ٽيم مبارڪن جي مستحق آهي، جنهن اسان جا خدشا ختم ڪيا ۽ اسان جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو، جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته اهو جنگ جي برابر هوندو. پرڏيهه ۾ پاڪستان جي پارلياماني وفد جي سربراهي ڪندي ڪامياب سفارتڪاري کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو اچڻ بعد خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڀارت خلاف اسان عسڪري ۽ سفارتي هر محاذ تي ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسرائيل ڪوڙ جي بنياد تي ايران تي حملو ڪيو آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. ايران جي سلامتي ۽ علائقائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.ايران جي ملٽري قيادت ۽ سائسندانن کي نشانو بڻايو ويو، ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، انهن جي نتيجي ۾ امڪاني تابڪاري نه رڳو ايران پر پاڪستان سميت ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ به نقصان ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪا ايران تي حمل ڪيو جنهن جي اتان جو عوام به حمايت نه ٿو ڪري. هن چيو ته حڪومت پرڏيهي وزير کي فعال ڪري ۽ هو ان حوالي سان سفارتڪاري ڪري ۽ پنهنجي هم خيال ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان گڏجي قدم کڻي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسرائيلي جارحيت روڪجڻ گهرجي، اسرائيل ايران سان پنهنجي غيرقانوني جنگ بند ڪري. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسان جي خطي ۾ بينجمن نيتن ياهو جي هڪ سستي ڪاپي آهي جنهن کي اسان جنگ، سفارتڪاري ۽ بيانئي جي جنگ ۾ شڪست ڏني، اسان پاڪستان جو موقف ۽ بيانئو پيش ڪيو، اسان جي پويان انڊيا به آيو، اسان جو بيانئو امن هو، اسان جنگ کٽي چڪا آهيون، اسان مستقل امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته هي جنگ نه ئي ڀارت ۽ نه ئي پاڪستان جي عوام جي حق ۾ آهي. اسان ڪشمير جو مسئلو کنيو جيڪو پراڻو مسئلو آهي ۽ ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ان جو حل هئڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪ طرفي قدمن کان پوءِ اسان جو ان وقت جو وزيراعظم چئي رهيو هو ته مان ڇا ڪيان، ڀارت تي حملو ڪيان؟ هو ڪشمير هاءِ وي کي سري نگر هاءِ وي ۽ هر جمعي تي اڌ ڪلاڪ بيهي ڪشمير لاءِ آواز اٿاري رهيو هو پر موجوده حڪومت ڀارتي جارحيت کان پوءِ ان جا 6 جهاز ڪيرائي ۽ کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو. 2019ع جي قدمن کان پوءِ تڏهن ڀارت اهو چوندو هو ته ڪشمير سندن اندروني معاملو آهي، هاڻي هو عالمي تڪرار بڻجي چڪو آهي، هي ڪشميرين جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته هاڻي آمريڪي صدر ۽ ٻي دنيا به ان تي ٽياڪڙي جي ڳالهه ڪري ٿي. هن چيو ته اسرائيل جيڪو طريقيڪار غزه ۾ اختيار ڪيو اهو ئي ڪشمير ۾ ڀارت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪشميرين کي سندن حق ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سفارتڪاري جو اسان جو ٻيو نقطو سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي خاتمي واري ڀارتي ڌمڪي هئي، اهو غيرقانوني آهي، هي عالمي معاهدو آهي، اهو ڀارت ڪهڙي طرح به هڪ طرفو ختم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جي حصي جو پاڻي ۽ درياهه تي قبضو ڪري ٿو ته ان کي پاڪستان خلاف جنگ برابر سمجهيو ويندو. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري نه ڪندو ته ڇهن درياهن جو پاڻي پاڪستان جي حصي ۾ ايندو. هن چيو ته ڀارت ڪوشش ڪئي ته دهشتگردي جو الزام پاڪستان تي لڳائي ۽ ان کي دهشتگرد رياست قرار ڏئي پر هو ان ۾ به ناڪام ٿيو، هن ايف اي ٽي ايف ۽ جي ايس پي پلس، آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ پئڪيج جي مخالفت ڪئي پر هن کي هر محاذ تي شڪست ملي. هڪ سياسي پارٽي به اها ڪوشش ڪئي ان کي به شڪست نصيب ٿي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان پنهنجو موقف پيش ڪيو، ڀارت به پنهنجو موقف پيش ڪيو، گڏيل قومن فيصلو ڪيو ته پاڪستان دهشتگردي جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جي سربراهي ڪري. هن چيو ته امريڪا ۾ ڀارتي ۽ اسرائيلي لابي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ هر ممڪن طريقو استعمال ڪيو، هتي به اسان ان کي شڪست ڏني. هن چيو ته ڀارت دنيا ۾ پاڪستان کي دهشتگردي پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ چاهي ٿو پر آمريڪي اختيارين دهشتگردي جي خاتمي جي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان کي بهترين اتحادي قرار ڏنو ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي جو اعلان ڪرايو. هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي نه رڳو سرڪاري مانجهاندو ڏنو ويو پر آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سندس اعزاز ۾ اها تقريب رکي. اها پاڪستان جي فتح جو اقرار هئي. هن چيو ته ان کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان ڏسي وٺو، ڀارت هارائي چڪو آهي، پاڪستان کٽي چڪو آهي. هن چيو ته اسان هن خطي ۾ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ واري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ رابطا ضروري آهن، ڀارت جي ڪوشش آهي ته دهشتگردي جو مسئلو سياسي طور اختيار ڪري پاڪستان کي بدنام ڪيو وڃي، اسان جي فارن آفيس ۽ وزيراعظم جي پوري ٽيم مبارڪن جي مستحق آهي ته ان ميدان ۾ به پاڪستان جي سوڀ ٿي. هن چيو ته سيز فائر ناڪافي آهي، هن خطي لاءِ ضروري آهي ته امن قائم ڪيو وڃي. ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڏهوڻ تي وڌيڪ واقعا ٿيندا آهن جنهن ۾ ڀارت ملوث هوندو آهي، جيڪڏهن ان بنياد تي اسان به ڀارت تي چڙهائي ڪيون ته اها دهشتگردن جي فتح آهي، اسان ايئن نٿا ڪري سگهون، ٻنهي ملڪن جي عوام جو فائدو امن ۾ آهي. هن چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته ڪشمير وانگر پاڻي تي به اسان وڙهون.هن چيو ته اسان جي سفارتڪاري پويان وزيراعظم جي اثرائتي عملي به هئي جنهن جي ساراهه ڪيون ٿا. هن چيو ته حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ان جي اسين تعريف ڪيون ٿا. هن بجيٽ جي حوالي سان چيو ته اسان جي پارٽي وفاقي بجيٽ کي سپورٽ ڪري ٿي. وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي واري وزير هن سال بجيٽ تي اسان سان مشاورت ڪئي جنهن کي ساراهيون ٿا. هنن اسان جون تجويزون بجيٽ ۾ شامل ڪيون. هن چيو ته هن وقت غير معمولي حالتون آهن، اهڙي وقت ۾ دفاعي بجيٽ ۾ اضافو اهم آهي، ڀارت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، انهي لاءِ اسان کي تيار رهڻو آهي. هن بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 20 سيڪڙو اضافي تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته اسان هميشه اهو موقف اختيار ڪيو آهي، ته پگهارن ۽ پينشن ۾ معقول اضافو ٿئي، هن ڀيري ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي سٺو قدم آهي. انڪم ٽيڪس ڇوٽ تاريخي رليف آهي ان تي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان. پگهارن ۾ اسان وڌيڪ اضافو چاهيون ٿا، تنهن هوندي به جيڪو اضافو ٿيو ان کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته هي مشڪل حالتن ۾ ورڪرز لاءِ رليف آهي. هن چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ ڏکڻ پنجاب لاءِ 30 سيڪڙو بجيٽ رکڻ جي اسان ڳالهه ڪئي، ايندڙ بجيٽ کان اڳ ان تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ان تي ڳالهيون ٿين. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان م دهشتگردي جي جنگ دل ۽ دماغ لڳائڻ کان سواءِ نه ٿي کٽي سگهجي، اسان چاهيون ٿا ته حڪومت انهن ٻنهي صوبن جي عوام جي مدد ڪري. وزيراعظم کي اپيل آهي ته گڏجي اهڙي حڪمت عملي ٺاهيون ته دهشتگردن کي هر طرح کان شڪست ڏئي سگهون، ڀارت انهن علائقن ۾ دهشتگردن تي رقم خرچ ڪري رهيو آهي، اسان پنهنجي ماڻهن جون دليون کٽيون آهن. هن چيو ته زراعت معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، معاشي خوشحالي ۽ غذائي تحفظ لاءِ ان شعبي ۾ گهڻي سيڙپڪاري ضروري آهي. هن چيو ته زرعي ٽيڪس ۾ تمام جلدي ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو، آبادگارن کي سپورٽ پرائس نه ڏيڻ جو چيو ويو، ان تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. انهن نقصانن کي درست ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي فصل کي 800 ارب روپين جو نقصان ٿيو، 150 ارب روپيا سنڌ جي آبادگارن کي نقصان پهتو، پنجاب ۾ 622 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ته جيئن زراعت کي بچائي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان جن اسان جي معاشي ٽيم سان ڀرپور رابطو رکيو، ڊجيٽل ٽيڪس واپس ورتو ويو، سولر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس جي تجيوز هئي ان ۾ گهٽتائي ڪري 10 سيڪڙو تائين کڻي آيا آهيون، اسان جي ڪوشش هوندي ته اڳيان هلي وڌيڪ گهٽتائي ٿئي، اسان کي گرين انرجي طرف وڃڻو پوندو. هن چيو ته رٿابندي ڊويزن اعليٰ تعليم جي بجيٽ اڌو اڌ ڪري ڇڏي اهي پر وزيراعطم ۽ ان جي ٽيم اهو فيصلو ورتو. هن چيو ته اهو ئي فرق هوندو آهي هاڪاري ۽ ناڪاري سياست ۾، اسان قوم جا نمائندا آهيون ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هتي آهيون. هن چيو ته بجيٽ ۾ اسان اهڙيون شيون شامل ڪرائي چڪا آهيون ته هاڻي اسان خوشيءَ سان ان بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏينداسين. . هن مخالف ڌر کي به چيو ته هو پنهنجي هاڪاري تجويزن تي حڪومت سان ڳالهيون ڪن. سندن دلچسپي صرف هڪ قيدي جي آزادي ۾ آهي، اسان دهشتگردي، امن، ترقي، ڀارتي جارحيت جي به ڳالهه ڪيون ٿا ته هنن جي دلچسپي قيدي جي آزادي ۾ ئي آهي، پر هي عوامي دلچسپي جو معاملي تي ڳالهيون ڪن ته ان جا هاڪاري نتيجا نڪرندا. هن حڪومت کي چيو ته هو مشاورت سان فيصلا ڪري، سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارتي قدمن کي سنجيده ورتو وڃي. هن ملڪ ۾ هڪ لابي آهي جيڪا هر مسئلي جو حل ڊيم ٺاهڻ ۾ ڏسي رهي آهي، جتي ٽيڪنيڪي ۽ سياسي اتفاق راءِ سان ڊيم ٺهي سگهن ٿا، ضرور ٺاهيا وڃن. هن چيو ته اسان جيڪڏهن ڀارت جهڙا قدم هتي کڻنداسين ته پوءِ قوم متحد نه ٿيندي. هن چيو ته بجيٽ ۾ جن ڊيمن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن اهي تعريف جوڳا آهن.اسان اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهيون، اسان کي فلڊ ايريگيشن مان سمارٽ ايگريشن طرف وڃڻو پوندو، اسان کي ان تي هاڻي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، جنهن سان چولستان ۽ ٿر کي فائدو ٿي سگهي ٿو، بچيل پاڻي اتي پهچائي سگهون ٿا. هن مبارڪون ڏنيون ته جنگ، سفارتي ۽ بيانئي جي جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ٿي چڪي آهي، پاڪستان کٽي چڪو آهي.