بارباڊوس -23 جون (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 25 جون کان ڪنگسٽن اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي، آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي، جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن ۽ 5 ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 25 جون کان پهرين ٽيسٽ سان شروع ٿيندي، اها ميچ 25 کان 29 جون تائين کيڏي ويندي، ٽيسٽ سيريز ۾ آسٽريلوي ٽيم کي مشهور آل رائونڊر پيٽ ڪمنز ليڊ ڪندو جڏهن ته ميزبان ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي روسٽن چيس ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جولاءِ تائين جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 12 کان 16 جولاءِ تائين کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز مڪمل ٿيڻ بعد آسٽريلوي ٽيم جميڪا پهچندي جتي هوءَ ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 21 جولاءِ تي کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 23 جولاءِ، ٽين ميچ 26 جولاءِ، چوٿين ميچ 27 جولاءِ ۽ پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 29 جولاءِ تي کيڏي ويندي.