اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان پاران موڪليل سفارتي وفد جي ملاقاتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد پاران تازي ڀارتي بنا جواز عسڪري ۽ پاڻي جارحيت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي ڪامياب سفارتي دوري تي بلاول ڀٽو زرداري سميت وفد جي ٻين ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي واري وزارت تحت حڪومت جي ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچاءُ جي لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.