اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پبلڪ سروس(سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن) جو عالمي ڏهاڙو سومر 23 جُون تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ سيمينارز ۽ تقريبون منعقد ڪيو وينديون جنهن جو مقصد سٺي طرز حڪمراني ۽ ترقي جي عمل ۾ سرڪاري ملازمن جي ڪردار جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، جڏهن ته اڄوڪي ڏينهن اليڪٽرانڪ ميڊيا پروگرامز نشر ۽ پرنٽ ميڊيا فيچر شايع ڪندي.