اسلام آباد-22 جون (اي پي پي)بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري محرم الحرام ۾ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊسڪوز جي چيئرمين ، سي اي اوز کي هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام ۾ مجلسن ۽ جلوسن ۾شرڪت ڪندڙن کي ڪنهن به تڪليف کان بچائڻ لاءِ سمورن ڊسڪوز ۾ خراب اوزارن جي فوري مرمت ۽ تبديلي کي يقيني بڻايو وڃي . جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير اڳواٽ مرمت جا حڪم جاري ڪندي چيو ته محرم الحرام جو مقدس مهينو ويجهو اچي رهيو آهي ، محرم الحرام ۾ سڄي ملڪ ۾ لکين عزادار مجلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪندا ، هلندڙ سال محرم ۾ گرمي جي سخت لهر جا امڪان آهن . اويس لغاري چيو ته بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.مذهبي تقريبن دوران عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کان بچايو وڃي جڏهن ته سمورن ڊسڪوز ۾ خراب اوزارن جي فوري مرمت يا تبديلي کي يقيني بڻايو وڃي .اويس لغاري ڊسڪوز کي ايمرجنسي رسپانس ٽيمون جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته يوم عاشور جي موقعي تي ايمرجنسي رسپانس ٽيمن کي هاءِ الرٽ ڪيو وڃي،محرم الحرام دوران مقامي عملدان سان لاڳاتار رابطو رکيو وڃي جڏهن ته ضلعي انتظاميا ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مذهبي تنظيمن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي . وفاقي وزير چيو ته حساس جاين تي اسٽينڊ باءِ جنريٽرز ۽ يو پي ايس سسٽم جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڪنهن به غير امڪاني گرڊ مسئلي جي صورت ۾ بيڪ اپ بجلي فراهم ڪئي وڃي . وفاقي وزير چيو ته محرم الحرام دوران ٽيڪنيڪل ۽ آپريشنل عملي جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ مخصوص ڪنٽرول سينٽرز قائم ڪيا وڃن . وفاقي وزير چيو ته ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي . محرم الحرام جي سلسلي ۾ قدمن جي رپورٽ پاور ڊويزن کي موڪلي وڃي.