اسلام آباد - 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال حج جي مدت جو تعين ڪري جلد هڪ لائحه عمل تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال جي حج آپريشن جون تياريون هاڻي کان ئي شروع ٿيڻ گهرجن ۽ سعودي عرب پاران جاري ڪيل حج پاليسي جي بنياد تي لائحه عمل جوڙيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل …
وزيراعظم پاران ايندڙ سال حج جي مدت جو تعين ڪري جلد لائحه عمل تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال حج جي مدت جو تعين ڪري جلد هڪ لائحه عمل تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال جي حج آپريشن جون تياريون هاڻي کان ئي شروع ٿيڻ گهرجن ۽ سعودي عرب پاران جاري ڪيل حج پاليسي جي بنياد تي لائحه عمل جوڙيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ايندڙ سال جي حج جي تيارين جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ايندڙ سال جي حج آپريشن لاءِ هاڻي کان تياريون شروع ڪيون وڃن، سعودي عرب پاران جاري ڪيل حج پاليسي جي بنياد تي هڪ لائحه عمل تيار ڪيو وڃي، ايندڙ سال حاجين جي خدمت ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ خانگي حج اسڪيم کي ريگيولرائز بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ سال حج لاءِ وقت مقرر ڪري، جلد لائحه عمل جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مصدق ملڪ، سردار محمد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.










