اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت واپڊا جي فنانس ميمبر نويد اصغر چوڌري (گريڊ 20) کي واپڊا چيئرمين جي اضافي چارج سونپي ڇڏي آهي. ان حوالي سان آبي وسيلن واري وزارت طران باضابطه نوٽيفيڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفيڪيشن مطابق نويد اصغر چوڌري کي ٽن مهينن لاءِ يا مستقل واپڊا چيئرمين جي مقرري تائين واپڊا چيئرمين جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. اهو فيصلو فوري طور لاڳو هوندو ۽ ايندڙ حڪمن تائين جاري رهندو. ترجمان مطابق هن پنهنجي عهدي جي باقائده چارج سنڀالي ورتي آهي.