راولپنڊي-20 جون (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي اڻٽٽ وابستگي تي زور ڀريندي عالمي اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، علائقائي سلامتي ۽ معاشي ترقي جهڙن شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان مطابق آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي اعليٰ اسڪالرز، تجزيه ڪارن، پاليسي ماهرن ۽ عالمي ميڊيا جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان ملاقات جو مقصد پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاڳر ڪرڻ، خطي ۽ دنيا جي اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ گڏيل خوش اسلوبي کي هٿي وٺرائڻ هو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل معرقه حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جا تفصيل بيان ڪيا. هن دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين کي پڻ اجاڳر ڪيو ۽ دهشتگردي کي هائبرڊ وار فيئر طور استعمال ڪندڙ علائقائي عنصرن جي نشاندهي ڪئي.آرمي چيف خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي اڻٽٽ وابستگي تي زور ڀريو ۽ عالمي اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.فيلڊ مارشل پاڪستان جي قدرجوڳن پر غير استعمال شده صلاحيتن جو ذڪر ڪندي آءِ ٽي، زراعت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. فيلڊ مارشل عالمي ۽ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي متوازن نقطه نظر کي به اجاڳر ڪيو ۽ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ عالمي قانونن جي پاسداري تي زور ڀريو. پاڪ – آمريڪا پراڻن ناتن جو جائزو وٺندي چيف آف آرمي اسٽاف دهشتگردي جي خاتمي، علائقائي سلامتي ۽ معاشي ترقي جهڙن شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. شرڪت ڪندڙن فيلڊ مارشل جي واضح، اصولي ۽ بااعتماد موقف جي واکاڻ ڪئي ۽ ان ملاقات کي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. اها ملاقات پاڪستان جي شفاف سفارتڪاري، عالمي ناتن ۾ فعال شرڪت ۽ پرامن گڏيل بقا لاءِ ان جي عزم جي عڪاسي کي ظاهر ڪري ٿي.