اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گھرواري مشعال ملڪ چيو آھي ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڪشميري ۽ پاڪستاني قوم طرفان مبارڪون ڏيان ٿي، دنيا مڃي ورتو آهي ته پاڪستان امن ۽ وقار جي علامت آھي، مودي جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو ۽ ڀارت جي حقيقت سامھون اچي وئي آھي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو آجياڻو پاڪستان جي عالمي عزت جو ثبوت آھي. جاري بيان ۾ ھن چيو ته پاڪستان اصولن تي بيٺو آھي، ڪنھن جي سامھون نه جھڪيو آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير عالمي قيادت طور اڀري رھيو آھي، دشمنن جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن ۽ ڀارتي ميڊيا جون رڙيون نڪري ويون آھن. مشعال ملڪ چيو ته پاڪستان مظلومن جو ساٿ ڏي ٿو ۽ ظالمن کي بي نقاب ڪري ٿو، اھا ڪاميابي رڳو ميدان جي ناھي پر سچ جي به آھي. مشعال ملڪ چيو ته فيلڊ مارشل جي قيادت دنيا ۾ امن جي راه ھموار ڪري رھي آھي، پاڪستان جو آواز عالمي ايوانن ۾ گونجي رھيو آھي.