اسلام آباد-20 جون (اي پي پي)سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي ڇنڇر 21 جُون منجهند ساڍي 12 هين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث سميت ايجنڊا ۾ شامل ٻيا معاملا اڪلايا ويا. بعد ۾سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي ڇنڇر ڏينهن منجهند تائين ملتوي ڪري ڇڏي.