اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ايران تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران کي گڏيل قومن جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ايران تي اسرائيلي حملي جا امن تي سنگين اثر پوندا. ايران ۾ موجود پاڪستاني شهرين جي انخلا جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ايران مان هيستائين 3 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستاني شهرين جن ۾ شاگرد به شامل آهن کي تفتان جي سرحدي ڪراسنگ کانسواءِ اشڪ آباد، باڪو ۽ بغداد جي رستي وطن واپس پهچايو ويو آهي. ترجمان ان حوالي سان تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کانسواءِ زاهدان ۽ مشهد ۾ پاڪستاني قونصل خانن سان گڏوگڏ ايراني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته ايران پاڪستان جو ڀائر، دوست ۽ پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻئي ملڪ گهري مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهن.