ڪراچي – 18 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار ۽ مملڪتي وزير فهد هارون کي اٽلي جي سامونڊي جهاز آءِ ٽي ايس اينٽونيو مارسيگليا تي منعقد ٿيل آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ميزبان جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر، ڪيپٽن البرٽو بارٽولوميئو شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ميرلينا آرميلن ۽ قونصل فيبريزيو ييئيلي پڻ موجود هئا. هي سامونڊي جهاز 20 جون تائين ڪراچي بندرگاهه تي لنگر انداز رهندو، جنهن جو مقصد انڊو-پيسفڪ مهم جي حصي طور سامونڊي سفارتڪاري ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي. تقريب ۾ سينيئر فوجي آفيسرن، سفارتي حلقن جي نمائندن ۽ مشهور ڪاروباري اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن جي فروغ جي عزم کي ورجايو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار جا امڪان ڳوليا ويا. آءِ ٽي ايس اينٽونيو مارسيگليا جهاز تي منعقد ٿيل شاندار تقريب پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ قائم پائيدار دوستي، علائقائي امن، استحڪام ۽ سهڪار لاءِ گڏيل عزم جو شاندار مثال هُئي. ان موقعي تي ڪيپٽن البرٽو بارٽولوميئو، آءِ ٽي ايس انٽونيو مارسيگليا جو ڪمانڊنگ آفيسر، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار ۽ مملڪي وزير فهد هارون، پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ماريلينا آرميلن ۽ اٽلي جي سفير جي ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي به موجود هئا.