اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري ڪميشن بابت صلاحڪار چيئرمين محمد علي جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 235 ھون اجلاس اسلام آباد ۾ نجڪاري ڪميشن جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس دوران، بورڊ توانائي جي شعبي جي ماتحت ادارن ۾ خانگي شعبي جي شراڪت کي وڌائڻ لاءِ مالياتي صلاحڪارن جي مقرري جي عمل کي شروع ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏني وئي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حيسڪو)، سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو)، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (پيسڪو)، ھزاره اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حازيڪو)، جنريشن ڪمپنين (جينڪوس)، 747 ميگاواٽ گڊو پاور پلانٽ، 525 ميگاواٽ نندي پور پاور پلانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. بورڊ مالي سال 23-2022ع ۽ 24-2023ع لاءِ نجڪاري ڪميشن جي آڊٽ ٿيل مالياتي ٽيڪسن جو به جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. بورڊ مالي سال 26-2025ع لاءِ نجڪاري ڪميشن جي بجيٽ ڪاٿي جي منظوري ڏني ۽ انھن ادارن جي آپريشنز جي تسلسل جي حمايت ڪئي. بورڊ کي نجڪاري جي جاري ٽرانزيڪشنن ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي کان به آگاھه ڪيو ويو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽڊ (پي آءِ اي سي ايل) روز ويلٽ ھوٽل (نيويارڪ) ۽ ٽنهي پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنين، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (فيسڪو)، گوجرانواله اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) ۽ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (آئيسڪو) جي نجڪاري شفافيت، سيڙپڪارن جي اعتماد کي يقيني بڻائڻ ۽ قومي اقتصادي ھدفن مطابق اسٽريٽجڪ ٽرانزيڪشن جي اثرائتي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنھنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.