اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) سينيٽ سول ( سرونٽس) ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رٿ پيش ڪئي ته سول (سرونٽس) بل 2025ع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ هجڻ جي صورت ۾ غور هيٺ آندي وڃي . رٿ جي منظوري کان پوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته ان ترميم هيٺ 17 هين گريڊ کان مٿي جي ملازمن کي پارليامينٽ ميمبرن وانگر پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا بعد ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. ايوان بل جي گڏيل طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.