اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جو استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ پاران ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن سان تعاون ۽ محنت تي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي ڪردار کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ جي وچ ۾ حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ توهان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنهن تي توهان جا ٿورائتا آهيون، 2022ع جي ٻوڏ دوران توهان متاثر پاڪستانين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جو استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته توهان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيو، پاڪستان ۽ ان جي عوام توهان جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي سدائين مثبت انداز ۾ ياد رکندي. وزيراعظم ناجي بن حسائن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ ترقي جي دعا ڪئي. ناجي بن حسائن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ انقلابي تبديلي، استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات ساراهه جوڳي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائي استحڪام جي رستي تي گامزن ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف پاڻ هڪ محنتي ليڊر آهي جنهن مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان جي معيشت کي بچايو، پاڪستان جي موجوده معاشي ٽيم پاڪستان جي معيشت کي ڪمال مهارت سان استحڪام کانپوءِ ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو. ملاقات ۾ ورلڊ بئنڪ جي پاڪستان ۾ مئنيجر آپريشنز گيلئيس ڊراگيلس کانسواءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.